عراق ۾ چويهه بيگناه ماڻهن کي مارڻ جي الزام تحت آمريڪي فوجين تي مقدمو قائم

وڪي اخبار کان

22 ڊسمبر 2006

عراق جي شهر حديثه ۾ چويهه بيگناه عراقين کي مارڻ جي الزام تحت آمريڪي فوجين تي مقدمو قائم ڪيو ويو آهي.

اهو مقدمو اٺ فوجين تي قائم ڪيو ويو جنهن مان چار ڄڻن تي غيرارادي طور قتل ڪرڻ ۽ چئن ڄڻن طرفان واقعي کي لڪائڻ جي حوالي سان فرد جرم عائد ڪيو ويو آهي.

اهو واقعو نومبر 2005ع ۾ ٿيو هو جڏهن مذڪوره فوجين هٿان عورتن ۽ ٻارن سميت چويهه ماڻهو مارجي ويا هئا.

ذريعا