عورت تحفظ بل خلاف لاهور کان گجرات ايم ايم اي جي ريلي، پنجاب حڪومت پابندي مڙهي ڇڏي

وڪي اخبار کان

30 نومبر 2006

پنجاب اختيارين پاڪستان جي اڀرندي علائقن ۾ عورت تحفظ بل خلاف ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. قاضي حسين احمد جي سربراهي ۾ هڪ ريلي لاهور کان گجرات تائين رٿيل هئي.

ذريعن موجب پنجاب حڪومت ان ريلي کي روڪڻ لاءِ پابندي مڙهي ڇڏي آهي. ايم ايم اي جي اڳواڻ منور حسن چيو آهي ته اسان جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف چوڌري شجاعت ايم ايم اي کي رٿيل ريلي ملتوي ڪرڻ ۽ کين ڳالهين جي ميز تي اچڻ جي صلاح ڏني آهي.

ريلي کي پوليس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران ڪجهه علائقن ۾ چڪريون پڻ ٿيون ۽ ڪجهه وقت لاءِ قاضي حسين احمد کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو. بعد ۾ قاضي حسين احمد چيو آهي ته حڪومت جي ڪوششن باوجود ريلي ڪامياب ٿي آهي.

ذريعا