فرانس ۾ هڪ قانون تي راءِ شماري، ترڪي ۽ فرانس ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا

وڪي اخبار کان

فرانس جي اسيمبلي ۾ هڪ اهڙي قانون تي راءِ شماري ٿي رهي آهي جنهن جي ذريعي هر اهو شخص سزا جو حقدار هوندو جيڪو سلطنت عثمانيه هٿان آرمينيائي عيسائين جي قتل عام کان انڪار ڪندو.

اهڙي راءِ شماري جي ترڪي طرفان شديد مخالفت ڪئي وئي آهي. ترڪي فرانس کي خبردار ڪيو آهي ته هو ترڪي جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ کان پاسو ڪري.

ان حوالي سان يورپي يونين جو چوڻ آهي ته اهڙي بل سان ترڪي جي يورپي يونين ۾ ميمبر شپ جو معاملو پڻ متاثر ٿي سگهي ٿي.

قانون جي منظوري کان پوءِ هر اهو شخص سزا ۽ ڏنڊ جو حقدار هوندو جيڪو پندرهن لک آرمينيائي عيسائين جي نسل ڪشي کان انڪار ڪندو. جڏهن ته ترڪي جو چوڻ آهي ته انهن فسادن دوران ڪيترائي مسلمان پڻ مارجي ويا هئا.

ياد رهي ته ترڪي ۾ چار لک آرمينائي رهن ٿا. ان کان علاوه فرانس، ترڪي جي يورپي يونين ۾ ميمبر شپ جي ان شرط تي حمايت جي حامي ڀري هئي ته هو آرمينيائي نسل ڪشي کي تسليم ڪري.

ذريعا