فلپائن ۾ سامونڊي طوفان سبب 146 ماڻهو فوت ٿي ويا، سوين ماڻهن جي لاپته ٿيڻ جا اطلاع

وڪي اخبار کان

1 ڊسمبر 2006

فلپائن ۾ سخت سامونڊي طوفان سبب تقريبن 146 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته سوين ماڻهن جي گم ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن.

ذريعن مطابق طوفان ۽ برسات سبب مٽيءَ جون ڇپون ڪرڻ ڪري 146 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. ٻه ڳوٺ مٽيءَ جي ڇپن هيٺ دٻجي ويا ذريعن مطابق پنج ٻيا ڳوٺ پڻ متاثر ٿيا آهن.

چيو ويو آهي ته سوين ماڻهو اڃا تائين لاپته آهن ۽ امدادي ڪاروائين ۾ پڻ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن تنهنڪري فوتين جي تعداد وڌڻ جو خدشو آهي.

ذريعا