متان وساريو اٿوَ، ڀارت ۽ پاڪستان ۾ امن ڳالهين واري وقت ڀارتي ڪشمير ۾ ڌماڪا 24 زخمي
ڏيک
14 نومبر 2006
ڀارتي ڪشمير ۾ سيڪريٽري سطح تي ٿيندڙ ڳالهين کان ڪجهه دير پوءِ ٽي بم ڌماڪا ٿيا آهن جن ۾ اطلاعن مطابق 24 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن انهن ۾ 10 سيڪيورٽي اهلڪار پڻ شامل آهن.
پوليس ذريعن مطابق مختلف علائقن ۾ ٿيل انهن ڌماڪن کان پوءِ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ دڪان توڙي بازارون ويران ٿي ويون. پوليس جي هڪ آفيسر چيو آهي ته انهن ڌماڪن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.
خبر مطابق اهي ڌماڪا پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ٿيندڙ امن ڳالهين دوران ڪري اهو ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته متان اسان کي وساريو اٿوَ.