مشرف جي لنڊن اچڻ وقت سنڌين ۽ بلوچن طرفان احتجاجي مظاهرو، فوج خلاف نعريبازي

وڪي اخبار کان

صدر مشرف جي لنڊن آمد وقت سنڌي ۽ بلوچ قومپرستن احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرو بليئر جي ذاتي رهائش گاهه جي ان دروازي وٽ ڪيو ويو جتان مشرف کي اندر داخل ٿيڻو هو پر مشرف ان رستي بجاءِ اسٽاف گيٽ استعمال ڪندي اندر داخل ٿيو.

مظاهري جو بندوبست انگلينڊ ۾ رهندڙ سنڌي ۽ بلوچ تنظيمن گڏجي ڪيو هو. مظاهري ۾ صدر مشرف ۽ فوج جي خلاف بئنر کنيل هئا.

مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جو ڳڙهه آهي، ۽ پاڪستان طالبان ۽ القائده کي همٿائي رهيو آهي. پاڪستان ۾ قومپرستن خلاف ڪاروايون ڪيون پيون وڃن. مظاهري ۾ نواب اڪبر بگٽي کي مارڻ واري عمل جي شديد مذمت ڪئي وئي.

خطاب ڪندڙن بين الاقوامي برادي کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪندي قومپرستن تي ٿيندڙ ظلم بند ڪرائين.

ذريعا