ملڪ ۾ ساڍا چار سو کان مٿي ماڻهو ڊينگو وائرس فيور ۾ وٺجي ويا

وڪي اخبار کان

24 آڪٽوبر 2006

پاڪستان جي صحت بابت وزارت چيو آهي ته پوري ملڪ ۾ لڳ ڀڳ ساڍا چار سو ماڻهو ڊينگو وائرس فيور ۾ مبتلا ٿيا آهن.

چيو ويو آهي ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ 1500 کان مٿي ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڀ کان گهڻا ڪيس ڪراچي ۾ ظاهر ٿيا.

سنڌ ۾ 1392 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. چيو ويو آهي ته گذريل سان جي ڀيٽ ۾ هن سال ڊينگو وائرس سبب موت جي شرح گهٽ رهي آهي.

ذريعا