نادرا چار ڏينهن دوران صرف يارنهن هزار افغانين کي رجسٽر ڪري سگهي، لکين افغاني ڪراچي ۾ پڻ موجود

وڪي اخبار کان

پاڪستاني اداري نادرا چئن ڏينهن دوران صرف يارنهن هزار افغانين کي رجسٽر ڪري سگهي آهي. ياد رهي ته ڪراچي شهر ۾ پڻ لکين افغاني ڪيترن سالن کان رهن پيا.

چيو ويو آهي ته عيد جي موڪلن سبب ڪجهه ڏينهن تائين رجسٽريشن جو سمورو ڪم بند رهندو.

ذريعن مطابق افغاني ان رجسٽريشن کي نقصانڪار سمجهن ٿا تنهنڪري اهي اداري سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، اميد ڏيکاري وئي آهي ته شايد عيد کان پوءِ حالتون مختلف هجن.

ذريعا