نواب خير بخش مري طرفان خان آف قلات جي سربراهي هيٺ بلوچستان ۾ ٿيل جرڳي جي فيصلي جي حمايت

وڪي اخبار کان

17 ڊسمبر 2006

نواب خير بخش مري خان آف قلات جي سربراهي ۾ ٿيل جرڳي جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ بلوچستان جي خودمختياري لاءِ عالمي عدالت سان رجوع ڪيو ويندو.

نواب خير بخش مري بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هي وقت ان قدم لاءِ انتهائي مناسب آهي جنهنجي ذريعي عالمي سطح تي بلوچ مزاحمت کي اجاگر ڪري سگهبو.

هن وڌيڪ چيو ته هن خطي جي سمورن علائقن ۾ بلوچن جي تحريڪ زور وٺي رهي آهي، هاڻ پڙهيل لکيل نوجوان هن تحريڪ جو حصو بڻجي رهيا آهن.

ياد رهي ته نواب خير بخش مري اسيمبلي سياست کي حقن وٺڻ لاءِ صحيح رستو نٿو سمجهي. هن جو چوڻ آهي ته رياست جي اهڙن ادارن کان جدا ٿي انهن کي مفلوج ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ذريعا