هاڪي ورلڊ ڪپ ميچ ۾ انگلينڊ هٿان پاڪستان کي شڪست، پاڪستان هڪ به گول نه ڪري سگهيو

وڪي اخبار کان

هاڪي ورلڊ ڪپ جي هڪ ميچ ۾ انگلستان جي ٽيم شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان جي ٽيم سخت ڪوشش جي باوجود هڪ به گول نه ڪري سگهي. اهڙيءَ ريت انگلستان پنجين پوزيشن ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ياد رهي ته پاڪستان هاڪيءَ جو چار ڀيرا ورلڊ ڪپ جو فاتح رهي چڪو آهي. هيءُ ميچ هارائڻ کان پوءِ پاڪستان ڇهين نمبر جي پوزيشن ماڻي ورتي آهي.

ذريعا