ويسٽ انڊيز آءِ سي سي ٽرافي جي فائنل ۾ پهچي ويو، گيل جي شاندار سينچري

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريڪا کان آءِ سي سي ٽرافي جي سيمي فائنل ميچ کٽي فائنل ۾ پهچي ويو آهي. فائنل ۾ ويسٽ انڊيز جو مقابلو آسٽريليا سان ٿيندو.

ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي ويسٽ انڊيز کي 259 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جواب ۾ ويسٽ انڊيز جي گيل شاندار راند جو مظاهرو ڪندي سينچري جوڙي ورتي هن جو ساٿ چندر پال ڏنو جيڪو 57 رنسن بعد ان فٽ ٿيڻ سبب ٻاهر وڃي ويٺو. اهڙي طرح ويسٽ انڊيز آساني سان ميچ کٽي ورتي.

ذريعا