يارنهن مذهبي جماعتن پاران عورت تحفظ بل خلاف تحريڪ جو اعلان، ايم ايم اي سينيٽ تان پڻ استعيفائون ڏيندي

وڪي اخبار کان

21 نومبر 2006

ملڪ جي يارنهن مذهبي جماعتن طرفان عورت تحفظ بل خلاف ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ايم ايم اي سينيٽ تان پڻ استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ذريعن مطابق چيو ويو آهي ته 24 نومبر جمعي واري ڏينهن کي مذمتي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو ۽ 4 ڊسمبر تي علماء ڪانفرنس پڻ ڪئي ويندي.

اهڙي فيصلي ڪرڻ لاءِ هڪ اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ ملڪ جي يارنهن مذهبي جماعتن شرڪت ڪئي. انهن جو چوڻ هو ته بل غير اسلامي آهي ان کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ٻئي طرف ايم ايم اي پاران بل خلاف سينيٽ تان پڻ استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ذريعا