يمني اخبار جي ايڊيٽر کي ڊينمارڪ ۾ شايع ٿيل ڪارٽونن جي ٻيهر اشاعت تي هڪ سال سزا

وڪي اخبار کان

27 نومبر 2006

يمن جي هڪ اخبار انڊپينڊنٽ ويڪلي جي ايڊيٽر کي عدالت ڊينمارڪ ۾ شايع ٿيل ڪارٽونن جي ٻيهر اشاعت واري جرم تي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. جڏهن ته ان اخبار تي پڻ ڇهن مهينن تائين پابندي وجهي ڇڏي آهي.

مذڪوره ايڊيٽر ڪمال العلافي جو چوڻ آهي ته هن ڪارٽون شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ شايع ڪيا هئا ان جو مقصد مسلمانن جي توهين ڪرڻ نه هو.

سزا هيٺ آيل ايڊيٽر کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي، هاڻي هو پنهنجي سزا خلاف اپيل داخل ڪندو. ياد رهي ته يمن ۾ ٻين ايڊيٽرن تي پڻ ساڳيا الزام لڳايا ويا آهن.

ذريعا