ٻيٽن جي وڪري ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ مظاهرا، ڌرڻا، ريليون، مزاحمت جو اعلان

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر ۾ حوالا يا ڪيٽگريز صحيح طور ڏنل نه آهن تنهنڪري هي خبر تڪراري آهي. نوٽيس ختم ڪرڻ لاءِ درستگين جي ضرورت آهي.


سنڌ جي ٻيٽن ۽ سامونڊي ڪنارن کي نيلام ڪرڻ خلاف اينٽي ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد، خيرپور، گهوٽڪي، ڏهرڪي، ماٿيلو، اوٻاوڙو، شڪارپور، قمبر، نوابساهه، شهدادڪوٽ، مٽياري ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا پڻ هنيا ويا آهن ۽ ٻيٽن جي نيلامي توڙي ڊيمن جي اڏاوت خلاف مزاحمت ۽ جدوجهد جو اعلان ڪيو ويو آهي. اينٽي ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ايڪشن ڪميٽي 28 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ تاريخي ريلي ۽ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ورجايو ويو آهي.

حيدرآباد ۾ احتجاجي مارچ ڪري مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري ٻن ڪلاڪن تائين ڀرپاسي جي روڊن تي ٽريفڪ معطل رهي. ڌرڻي کي پ پ اڳواڻ امان الله سيال، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو، وشنو مل، نذير ميمڻ، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڳواڻ رحمت الله هيسباڻي، سچل گوپانگ، سڪندر حيات، پاشا قاضي، امجد سهتو، روشن سولنگي، ديوان آرومل ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ پ پ، عوام دوست، جمهوريت پسند ۽ سنڌ دوست ڌريون متحد آهن. هزارين اختلاف، تضاد ۽ ٽڪراءَ هوندي به سنڌ جا 4 ڪروڙ ماڻهو سنڌ خاطر متحد آهن. حڪمران حق گهرڻ تي پنهنجن ئي ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن. هاڻ جلسن جلوسن مان ڪجهه نه ورندو. فلسطينين جيان ويڙهه ڪرڻي پوندي.

ٺٽو ۾ گل حسن ڪيڙانو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال ڪئي وئي، جنهن ۾ سيد گلاب شاهه سميت 30 کان مٿي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جڏهن ته عوامي تحريڪ سان اختلافن سبب پ پ ڪارڪن احتجاج ۾ شريڪ نه ٿيا. دادو ۾ ايم اين اي رفيق احمد جمالي، قمبر لغاري، دليپ ڪمار، غلام شبير ابڙو، بشير ٿهيم، محمد هاشم قمبراڻي، ذوالفقار علي کوکر، ايم عمر پنهور، پير مجيب الحق ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ نيو بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته جهنڊن کڻڻ جي معاملي تي اختلافن سبب سيد لعل شاهه، ممتاز ڀنڊ، ڪامريڊ غلام قادر لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پڻ ريلي ڪڍي وئي. اڳواڻن چيو ته حڪمرانن کي سنڌ نيلام ڪرڻ نه ڏني ويندي. وارهه ۾ سرتاج چانڊيو ۽ محب جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. عوامي تحريڪ طرفان گلشن حديد ايل 7 کان ملير پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ممتاز علي ڪانڌڙو، اشفاق چنڙ، امر مگسي، عزيز لانگاهه، قيوم ڀٽو ۽ عبدالستار گوپانگ ڌرڻي کي خطاب ڪيو. سکر ۾ مشتاق سرهيو، حڪيم زنگيجو، هادي بخش ڀٽ، مولانا عبيدالله ڀٽو، عبدالرزاق عاصي، سچل ڀٽي، امام الدين کوسو، حزب الله جکرو، ڊاڪٽر ارشد مغل، حيدر شاهه، گلزار ڀٽو، سعيد مغل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ڪارڪنن علامتي بک هڙتال ڪئي.

لاڙڪاڻي ۾ پ پ اڳواڻ خير محمد شيخ، اصغر شيخ، محب مگسي، عباس ڪيهر، سليم سومرو، غني جتوئي، گلزار سومرو، احمد نواز بروهي، طارق جتوئي، عباس کهڙو، عاشق ڪلهوڙو، سيد ابراهيم شاهه، شير کوسو، نصيبه چنه، ڪنيز سڪينه چغتائي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪارڪن مختلف رستن کان ٿيندا نعرا هڻندا جناح باغ چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ويهي رهيا. شهدادڪوٽ ۾ ٻيٽن جي وڪري خلاف ايس ٽي پي ڪارو ڏينهن ملهايو. حيات تنيو ۽ فاروق سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو ۽ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. نوشهروفيروز ۾ عبدالحق ڀرٽ، سيد ڪرم علي شاهه، سيد غوث علي شاهه، منظور مغل، غلام فريد ڪلهوڙو، عزيز ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ڪارڪنن ريلي ڪڍي ۽ ٻيٽن جي وڪري خلاف نعرا هنيا.

خيرپور ۾ جيلاني هائوس کان پنج گله چوڪ تائين نظر محمد ڳاهو، سيد امجد شاهه، غلام حيدر ڦلپوٽو ۽ ذوالفقار ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. بدين ۾ بس اسٽينڊ کان قاضيه واهه پل تائين احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو. عبدالغفور نظاماڻي، شاهنواز سيال، حڪيم هاليپوٽو، محمد موسيٰ ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي. جيڪب آباد ۾ عبدالستار بروهي، دلمراد لاشاري، مولا بخش کوسو، داد محمد ٽالاڻي، نظام مستوئي، محبوب شاهه، رفيق ويسر، ذوالفقار سولنگي، سجاد گهنڃيو، شوڪت گهنيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ٽڪنڊي باغ کان جلوس ڪڍيو ويو. ڪارڪن مارچ ڪندا پريس ڪلب پهتا ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. هڪ ڪلاڪ تائين ناظم آفيس ويندڙ روڊ بند ٿي ويو.

ميرپورخاص ۾ رسول بخش خاصخيلي جي اڳواڻيءَ ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته علي اڪبر پنهور، ملڪ ياسين غوري، اصغر ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ماڻهن ريلي ڪڍي، جنهن کي مٿين اڳواڻن کانسواءِ انور صالح پنهور، حاجن پنهور، نظر محمد بلوچ، ڊاڪٽر سروپ، نواب قريشي ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ايس ٽي پي ڪارڪنن رياض جلباڻي، دريا خان مهر، يوسف رند، غود لال، حاڪم کوسو، قربان ٿيٻو، منظور چانڊيو، قاسم چانڊيو، منصور لغاري، خادم چانڊيو ۽ ٻين پوسٽ آفيس چوڪ تي بک هڙتال ڪئي. اهڙي طرح عوامي تحريڪ، پ پ ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن الڳ الڳ احتجاج ڪيو.

قمبر ۾ محمد پنهل سومرو، ولي محمد مگسي، گلزار سومرو، غلام مصطفيٰ لانگاهه، جمال مغيري ۽ حسين بخس ميراڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو. جڏهن ته عوامي تحريڪ طرفان حسن چانڊيو ۽ اياز راهو جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. نوابشاهه ۾ امداد ڌامراهه، غلام مصطفيٰ شاهه ۽ سليم لنڊ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ڪري روڊ بلاڪ ٿي ويو. ميهڙ ۾ ابرار ابڙو، سڌير چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گاهي مهيسر روڊ کان پريس ڪلب تائين مظاهرو ڪيو ويو. جتي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن علامتي بک هڙتال ڪئي. جميل احمد مهيسر، اڪبر پنهور، مير محمد، رياض چانڊيو، دين محمد کوسو، بدر سهول، فقير عظيم جانوري ۽ اڪبر چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرا ڪيا ويا ۽ علامتي بک هڙتال به ڪئي وئي.

ٽنڊي الهيار ۾ عبدالحڪيم خانزادي، فدا حسين آرائين ۽ اڪبر مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. مٺي ۾ ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، نند لال مالهي، گلزار اوٺو ۽ غني بجير جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاج ڪيو ويو. اڳواڻن خطاب پڻ ڪيو. ڪامريڊ ڀيرو لال، غلام مصطفيٰ، اشرف درس ۽ ٻين پڻ ريلي ۾ شرڪت ڪئي.