ٽرالر جو اسڪولي ٻارڙن جي ڊاٽسن سان ٽڪر، نتيجي ۾ 2 شاگرد فوت 20 زخمي

وڪي اخبار کان

25 نومبر 2006

قادر پور کان گهوٽڪي ايندڙ شاگردن جي ڊاٽسن سان باءِ پاس وٽ ٽرالر سان ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻيا 20 شاگرد زخمي ٿي پيا.

زخمي شاگرن مان گهڻن کي سندن مائٽ کڻائي ويا جڏهن ته ٻين زخمين کي سول اسپتال گهوٽڪي مان طبي امداد بعد وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي، سکر ۽ ٻين شهرن ڏانهن موڪليو ويو.

ضلعي ناظم گهوٽڪي سڀني زخمين جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ۽ جاچ لاءِ هڪ ڪاميٽي پڻ تشڪيل ڏني.

ذريعا