پارليامينٽ جو ان ڪيمرا سيشن اجلاس جاري

وڪي اخبار کان

رپورٽ: زبير زرار منگي

گڏيل پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس اسپيڪر ڊاڪٽر فهيمدا مرزا جي صدارت ۾ جاري آهي، جنهن ۾ حڪومتي ميمبر گڏيل ٺهراءَ آڻڻ لاءِ مخالف ڌر سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب بند ڪمري وارو اجلاس اسپيڪرڊاڪٽر فهيمدا مرزا جي صدارت ۾ جيئن ئي شروع ٿيو ته پيپلزپارٽي جا رضارباني ۽ سيد خورشيد شاهه، چوڌري نثار علي، رياض پيرزاده، خواجه آصف ۽ مخالف ڌر جي ٻين اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ سندن سيٽن وٽ پهتا. ذريعن موجب حڪومتي ڌر جا ميمبر گڏيل ٺهراءُ آڻڻ لاءِ مخالف ڌر جي ميمبرن کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن پر اڃان تائين ٻنهي ڌرين ۾ اتفاق ٿي نه سگهيو آهي. ذريعن موجب اجلاس جي پڄاڻي واري ڏينهن وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجو پاليسي خطاب پڻ ڪندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته پارليامينٽ جو بند ڪمري وارو اجلاس سڀاڻي به جاري رهندو.