پاڪستاني جي قبائلي علائقي ۾ هڪ مذهبي عالم آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزم تحت قتل

وڪي اخبار کان

19 نومبر 2006

پڪستان جي قبائلي علائقي وزيرستان ۾ نامعلوم ماڻهن هڪ مذهبي عالم کي آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام تحت قتل ڪري ڇڏيو آهي.

اتر وزيرستان جي شهر ميران شاه مان مليل اطلاعن موجب هڪ لاش لڌو ويو آهي جنهن کي مٿي ۾ ٻه گوليون لڳل آهن. ان جي ڀرسان هڪ چٺي پڻ لڌي آهي جنهن مطابق مارجي ويل شخص جو نالو محمد هاشم ٻڌايو ويو آهي ۽ هن کي آمريڪا لاءِ جاسوسي جي الزام تحت قتل ڪيو ويو.

ياد رهي ته حڪومت ۽ قبائلين وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو هو جنهن تحت ٽارگيٽ ڪلنگ جي خاتمي تي اتفاق پڻ شامل هو. هن وقت تائين چئن ماڻهن کي ان الزام تحت قتل ڪيو ويو آهي.

ذريعا