پاڪستاني سرڪار جي قبائلين سان ٿيل ٺاهن کانپوءِ دهشتگردن کي سهولت ملي وئي آهي، ٿنڪ ٽينڪ

وڪي اخبار کان

11 ڊسمبر 2006

پاڪستاني سرڪار جي قبائلي علائقن ۾ مختلف قبيلن سان ٿيل امن سمجهوتن جي ڪري دهشتگردن کي سهولت ملي وئي آهي ۽ اهي آساني سان پاڪستان ۾ پنهنجو اثر وڌائي رهيا آهن. اهڙي رپورٽ انٽرنيشنل ڪرائسس گروپ جي ٿينڪ ٽينڪ طرفان ظاهر ڪئي وئي آهي.

رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 2001ع کان پوءِ افغان بارڊر ڀرسان دهشتگردن جون پناهگاهون جڙي ويون آهن جن خلاف پاڪستان کي سنجيده ڪاروائي ڪرڻ گهرجي.

رپورٽ مطابق وزيرستان جهڙا علائقا القائده وارن جا مرڪز ٿي چڪا آهن جتان افغانستان ۾ موجود اتحادي فوجن تي حملا ڪيا ويندا آهن. پاڪستان جا ست قبائلي علائقا پاڪستاني سرڪار جي رٽ ۾ نه آهن اتان آزاداڻه ڪاروائيون ٿين ٿيون.

ذريعا