پاڪستاني شهر پشاور جي ڊفينس واري علائقي ۾ هڪ حمله آور پنهنجي بم ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويو

وڪي اخبار کان

1 ڊسمبر 2006

پاڪستاني شهر پشاور جي ڊفينس واري علائقي ۾ هڪ شخص سائيڪل تي هڪ بم کڻي وڃي رهيو هو ته اچتو ڦاٽي پيو جنهن سبب سائيڪل سوار فوت ٿي ويو.

ذريعن مطابق هو اهو بم ڪنهن مجمعي طرف ڦاڙڻ لاءِ کڻي وڃي رهيو هو ته جيئن حملو ڪري سگهجي. چيو ويو آهي ته بم ڦاٽڻ وقت ڀرپاسي ماڻهو موجود نه هجڻ سبب ڪوبه نقصان نه ٿيو آهي.

پوليس جي ذريعن چيو آهي ته اهو خودڪش حملي آور نه هو ڇاڪاڻ ته سندس لاش سلامت آهي. فوتيءَ جي شناخت ٿي چڪي آهي پر پوليس تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ذريعا