پاڪستاني فوجي جنرل ملڪ کي تباه ڪري رهيا آهن، مسلم ليگ سربراه نواز شريف

وڪي اخبار کان

15 ڊسمبر 2006

پاڪستان جي سابق وزيراعظم ۽ مسلم ليگ جي سربراه نواز شريف چيو آهي ته پاڪستاني جنرل ملڪ کي تباه ڪري رهيا آهن.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڀارتي فوج پاڪستان کي ايترو نقصان نه ڏنو آهي جيترو پاڪستاني فوجي جنرلن ڏنو آهي.

مسلم ليگ اڳواڻ ڀارتي فوج ۽ پاڪستاني فوج جي ڀيٽ ڪندي چيو ته ڀارت فخر سان دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوريت هجڻ جي دعوا ڪندو رهيو آهي. ڀارتي فوج هميشه پنهنجي ملڪ جي دفاعي ڪمن ۾ مشغول رهندي آئي آهي جڏهن ته پاڪستاني جنرل سياست ۾ حصيداري ڪري ملڪ کي تباه ڪري رهيا آهن.

ذريعا