پاڪستاني پوليس بلوچستان ۾ طالبان هجڻ جي شڪ ۾ 47 ماڻهن کي سوگهو ڪري ورتو

وڪي اخبار کان

21 نومبر 2006

پاڪستاني پوليس طالبان هجڻ جي شڪ ۾ بلوچستان مان 47 ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ذريعن مطابق ڪوئٽا جي آسپاس ڇاپا هڻي کين سوگهو ڪيو ويو.

پوليس ذريعن ٻڌايو ته انهن ماڻهن وٽان مختلف قسمن جا دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن جن مان اهو اشارو ملي ٿو ته هنن جو افغانستان ۾ موجود طالبان سان رابطو آهي. اهي سمورا غيرقانوني طور تي هفتو کن اڳ بارڊر ڪراس ڪري آيا هئا.

ياد رهي ته پوليس ڇهه مهينا اڳ ۾ پڻ 50 کن ماڻهن کي طالبان هجڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو هو. پاڪستان جي 80 هزار فوج افغانستان جي بارڊر تي موجود آهي ته جيئن اتان جي طالبان کي قبائلي علائقن ۾ اچڻ کان روڪي سگهجي.

ذريعا