پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي پنهنجا مذهبي جذبا عوام ۾ ظاهر نه ڪرڻ جي صلاح

وڪي اخبار کان

22 آڪٽوبر 2006

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي اختيارين پاران عوام ۾ پنهنجا مذهبي جذبا ظاهر نه ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

ذريعن مطابق پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي مذهبي ڌريون پنهنجي مقصدن استعمال ڪري رهيون آهن. جنهنڪري کين اهڙي صلاح ڏني وئي آهي.

چيو ويو آهي ته پاڪستاني ٽيم گذريل سال عوام آڏو گڏجي دعا گهري هئي ۽ هوٽلن ۾ پڻ مذهبي گڏجاڻيون ڪيون هيون.

سرڪاري اختيارين جو چوڻ آهي ته ان ۾ شڪ ناهي ته مذهبي جذبو اتساهه بخشي ٿو پر ان کي به متوازن رکڻ جي ضرورت آهي. اسان جي طرفان ڪنهن به کلاڙي تي مذهبي حوالي سان ڪابه پابندي نه آهي پر پنهنجا مذهبي جذبا ٻين تي مڙهڻ کان لنوائڻ گهرجي.

ذريعا