پاڪستان اسلامڪ الائنس طرفان سينمائون بند ڪرڻ جو دٻاءَ، سرحد ۾ اڪثر سينمائون بند

وڪي اخبار کان

سرحد، خاص طور پشاور ۾ پاڪستان اسلامڪ الائنس جي دٻاءَ تحت سينمائون بند ٿي ويون. چيو پيو وڃي ته ڪجهه سينما مالڪن انهن جي چوڻ تي سينمائون بند ڪري ڇڏيون جڏهن ته ڪجهه کي دٻاءَ سبب بند ڪرڻيون پيون.

سينما مالڪن جو چوڻ آهي ته سمورو مهينو ڪاروبار بند ڪرڻ سبب کين ٽيڪسن ۾ رعايت ڏني وڃي. جڏهن ته اهڙي ئي قسم جو حڪم نامو بعد ۾ گورنمينٽ پڻ جاري ڪيو ۽ سينمائن کي بند ڪرڻ ضروري قرار ڏنو ويو.

ڪجهه مالڪن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کان زوري سينمائون بند ڪرايون ويون آهن ۽ چيو پيو وڃي ته خوشيءَ سان بند ڪيون ويون.

ذريعا