پاڪستان انڊيا جي 25 مهاڻن کي سرحدن جي ڀڃڪڙي جي الزم ۾ گرفتار ڪري ورتو

وڪي اخبار کان

پاڪستان انڊيا جي چار ٻيڙين سوڌو 25 مهاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جيڪي پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيا هئا. پاڪستان ميرين جي آفيسر مطابق اهي مهاڻا پاڪستاني حدن اندر 50 ڪلوميٽر تائين داخل ٿي ويا هئا تنهنڪري کين گرفتار ڪيو ويو.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ انڊيا لاڳيتو هڪٻئي جا مهاڻا سرحدن جي ڀڃڪڙي جي الزام تحت گرفتار ڪندا رهيا آهن. گذريل ڏينهن دوران پاڪستان ۽ انڊيا هڪٻئي جي 587 گرفتار شهرين کي آزد ڪري چڪا آهن.

هن وقت تائين پاڪستان، انڊيا جي 260 شهرين کي انهيءَ الزام تحت گرفتار ڪري چڪو آهي. 2004ع جنوري ۾ انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل امن ڳالهين ۾ اهو طئي ٿيو هو ته اهي هڪٻئي جي گرفتار مهاڻن کي رعايت ڏيندا، انڊيا جي گرفتار انهن 25 مهاڻن کي ڪراچي پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي.

ذريعا