پاڪستان جي خفيه ايجنسين ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏيو، سوين ماڻهو لاپته

وڪي اخبار کان

30 نومبر 2006

ايمنيسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ته پاڪستان جي خفيه ايجنسين ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏيو آهي. انساني حقن جي تنظيمن مطابق 2002ع کان هن وقت تائين اهڙا 400 خفيه ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

پاڪستان جي سپريم ڪورٽ وزارت داخله کي حڪم ڏنو آهي ته 41 گم ٿيل باندين کي ظاهر ڪيو وڃي.

پاڪستان اندر خفيه ايجنسين جي باري ۾ شڪايتون وڌي رهيون هيون ته اهي سياسي مخالفن کي گرفتاري بعد گم ڪري ڇڏين ٿيون انهن ۾ اهڙا ماڻهو پڻ شامل آهن جيڪي فوجي حڪومت جي مخالفت ڪري رهيا هئا.

هڪ عورت شمس النساء جو چوڻ هو ته مون پنهنجي پٽ کي 25 جون 2004ع کان پوءِ نه ڏٺو آهي. اهڙي ئي هڪ عورت زينب خاتون 2005ع کان پنهنجي پٽ کي ڳولي رهي آهي ان جو چوڻ آهي ته مان مشرف جي موت جون دعائون ڪندي آهيان ڇاڪاڻ ته هن مون جيان ٻين مائرن کي پنهنجي پٽن کان جدا ڪيو آهي. جيڪڏهن مونکي بم هٿ اچي وڃي ته شايد مشرف کي ماري ڇڏيان.

ذريعن مطابق پاڪستان جي خفيه ايجنسي آءِ ايس آءِ ڪنهن به سول قانون تي نٿي هلي. انهن 1990ع ۾ طالبان کي افغانستان ۾ هٿي ڏني هئي ۽ اها اڃا تائين طالبان جي مدد ڪري رهي آهي.

ٻئي طرف پاڪستاني قانون موجب ڪورٽ جي اجازت کان سواءِ ڪنهن کي به تحويل ۾ نٿو وٺي سگهجي. پر خفيه ايجنسيون ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺنديون رهن ٿيون.

پاڪستان رائٽس ڪميشن جي آءِ اي رحمان جو چوڻ آهي ته معاملو هاڻ ڪورٽ ۾ آهي ڏسجي ته ڪورٽ پنهنجي رٽ قائم رکي ٿو يا خفيه ايجنسيون ڪورٽ کي به شڪست ڏيئي وينديون.

ذريعا