پاڪستان جي شهر پشاور ۾ هڪ زوردار بم ڌماڪو، ست ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

20 آڪٽوبر 2006

پاڪستان جي شهر پشاور ۾ زودار بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ست ماڻهو مارجي ويا، پنجويهه کان مٿي ماڻهو زخمي، مارجي ويلن ۾ هڪ نوجوان ڇوڪري پڻ شامل هئي.

خبر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زخمين مان ڪجهه جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. شاهدن مطابق ڌماڪو چوڙين جي دڪانن ڀرسان ٿيو جتي عورتون خريداري ۾ مصروف هيون، هڪ عورت جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي.

زخمين کي هڪدم ليڊي ريڊنگ اسپتال ۽ خيبر ٽيچنگ اسپتال پهچايو ويو. آخري اطلاعن تائين مارجي ويلن جي شناخت نه ٿي سگهي هئي.

ياد رهي ته گذريل ڪجهه هفتن دوران پشاور ۾ اهو پنجون بم ڌماڪو هو. هي بم انهن سڀني کان وڌيڪ طاقتور هو.

ذريعا