پاڪستان مونکي ڪڏهن به ڀارت جي حوالي نه ڪندو، حزب المجاهدين اڳواڻ صلاح الدين

وڪي اخبار کان

22 ڊسمبر 2006

حزب المجاهدين اڳواڻ ۽ متحده جهاد ڪائونسل جي سربراه صلاح الدين چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به مونکي ڀارت جي حوالي نه ڪندو.

صلاح الدين جيو ٽي وي سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو آهي ته کيس يقين آهي ته ڀارت جي حوالي نه ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته هو ڪشمير جو رهواسي آهي ڪو ٻاهريون ماڻهو نه آهي.

هن ڀارت تي الزام لڳائيندي چيو ته ڀارت پاڪستان جي تجويزن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري رهيو آهي. هن ڀارت سان سيز فائر مڪمل رد ڪندي چيو ته جيستائين ڀارت ٽه فريقي ڳالهين لاءِ راضي نه ٿيندو جدوجهد جاري رهندي.

ذريعا