پاڪستان ويسٽ انڊيز کان ڪراچي ٽيسٽ کٽي ورتي، محمد يوسف ٻه عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

وڪي اخبار کان

1 ڊسمبر 2006

پاڪستان ويسٽ انڊيز کان ڪراچي ٽيسٽ 199 رنسن تان کٽي ورتي آهي، محمد يوسف ويسٽ انڊيز جي ويون رچرڊ جو سال ۾ گهڻين رنسن جوڙڻ جو عالمي رڪارڊ پڻ ٽوڙي ڇڏيو.

دانش ڪنيريا سڀ کان وڌيڪ ڪامياب بالر رهيو جنهن 69 رنسن عيوض ٽن کلاڙين کي آئوٽ ڪيو. ميچ جي چوٿين ڏينهن تي محمد يوسف هڪ سال ۾ 9 سينچريون جوڙڻ جو پڻ عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ياد رهي ته ويون رچرڊ 30 سال اڳ هڪ سال دوران 8 سينچريون جوڙي عالمي رڪارڊ قائم ڪيو هو.

ذريعا

جيو نيوز ٽي وي اردو سيڪشن