پاڪستان پاران وچٿري مار واري حتف 3 غزنوي ميزائل جي ڪامياب تجربي ڪرڻ جي دعوا

وڪي اخبار کان

9 ڊسمبر 2006

پاڪستان پاران وچٿري مار واري حتف 3 غزنوي ميزائل جي ڪامياب تجربي جي دعوا ڪئي وئي آهي. ميزائل جي رينج 290 ڪلوميٽر ٻڌائي وئي آهي.

ذريعن مطابق چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل تنوير محمود احمد، سنئير فوجي آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.

ان موقعي تي چيو ويو ته پاڪستان کي پنهنجي جوهري طاقت تي فخر آهي. ايئر چيف مارشل حصيداري ڪندڙن جي تعريف ڪندي چيو ته گذريل ستن سالن کان انهن لاڳيتي محنت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان بهتر دفاعي پوزيشن ۾ پهچي ويو آهي.

ذريعا