پاڪستان ۽ ٻيا ملڪ صاف پاڻيءَ کان 15 سيڪڙو وڌيڪ خرچ فوجي اوزارن تي پيا ڪن، ڪيون واٽڪن

وڪي اخبار کان

9 نومبر 2006

مشهور ليکڪ ڪيون واٽڪن چيو آهي ته پاڪستان، ايٿوپيا ۽ انڊيا جهڙا ملڪ عوام کي صاف پاڻيءَ جي فراهمي بجاءِ گهڻو خرچ فوجي اوزارن تي ڪري رهيا آهن. هن اها ڳالهه وائس آف آمريڪا کي هڪ انٽرويو ڏيندي چئي.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 10 کان 15 سيڪڙو وڌيڪ خرچ فوجي اوزارن جي خريداري وغيره تي ڪيو پيو وڃي. گڏيل قومن جي رپورٽن موجب هڪ سال ۾ 20 لک کان مٿي ٻارڙا صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ ڪري مري وڃن ٿا. اهي حڪومتون پنهنجي ماڻهن کي ٻه گلاس صاف پاڻي فراهم ڪرڻ بجاءِ جنگي سامانن تي ڳورا خرچ ڪري رهيون آهن.

ذريعا