پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي ڳڻپڪاري جاري، پنج لک افغانين جي رجسٽريشن ٿي چڪي

وڪي اخبار کان

28 نومبر 2006

پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي ڳڻپڪاري جاري آهي هن وقت تائين تقريبن پنج لک افغانين کي رجسٽر ڪيو ويو آهي. انهن افغانين 1979ع ۾ سوويت يونين جي داخلا بعد پاڪستان ۾ اچي پناه ورتي هئي.

15 آڪٽوبر کان پاڪستان نيشنل ڊيٽابيس ۽ نادرا طرفان شروع ڪيل ان ڳڻپڪاري ۾ هن وقت تائين 49000 افغانين کي رجسٽرڊ ڪيو ويو. چيو ويو آهي ته اڌ کان وڌيڪ سرحد، 22 سيڪڙو بلوچستان، 15 سيڪڙو پنجاب، 10 سيڪڙو سنڌ ۽ 1.3 سيڪڙو پاڪستاني ڪشمير ۾ رجسٽرڊ ٿيا آهن.

ذريعن مطابق اها رجسٽريشن سال جي آخر تائين جاري رهندي. 2005ع جي ڳڻپڪاري موجب پاڪستان ۾ ان وقت 2.4 ملين افغاني موجود هئا. رجسٽرڊ افغانين کي ثبوت طور هڪ شناختي ڪارڊ ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته اهي افغاني آهن ۽ پاڪستان ۾ عارضي طور رهن پيا.

ذريعا