پاڪستان ۾ 80 هزار ايڊز جا مريض موجود آهن، صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ

وڪي اخبار کان

2 ڊسمبر 2006

صحت جي عالمي اداري پنهنجي تازي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ تقريبن 80 هزار ماڻهو ايڊز جهڙي موذي مرض جو شڪار آهن. ٻئي طرف پاڪستان جي صحت وزارت صرف ٽي هزار مريض هجڻ جي دعويدار آهي.

ذريعن موجب صحت وزارت کي ڪروڙين رپيا فنڊ فراهم ڪيا ويا آهن پر اهي پنهنجي ذميوارين کان نابري واريندي رڳو گڏجاڻين، سيمينارن ۽ ميوزيڪل شوز ڪرڻ ۾ پورا آهن.

پهرين ڊسمبر ايڊز بابت جاڳرتا جو عالمي ڏينهن هو پر اسلام آباد طرفان ان ڏينهن تي ڪوبه پروگرام رٿيل نه هو. اداري جي رپورٽ مطابق دنيا ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد 4 ڪروڙ تائين پهچي ويو آهي.

ذريعا