پوپ طرفان ترڪي ۾ تاريخي مسجد جو دورو، ٻه منٽ خاموش ٿي عبادت ڪندو رهيو

وڪي اخبار کان

1 ڊسمبر 2006

پوپ بينيڊڪٽ ترڪي ۾ استنبول جي هڪ تاريخي مسجد جو دورو ڪيو جنهن ۾ هن ٻن منٽن لاءِ خاموش ٿي عبادت پڻ ڪئي. ياد رهي ته هو مسلمانن ۽ عيسائين ۾ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي.

ذريعن مطابق پوپ مسجد ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پنهنجا جوتا لاهيا ۽ اندر وڃي ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪندي عبادت ڪئي.

تاريخ ۾ اهو ٻيون واقعو آهي جو هڪ پوپ مسجد جو دورو ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ پوپ جان پال شام اچڻ وقت دمشق جي هڪ مسجد جو دورو ڪيو هو.

ٻئي طرف خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته پوپ صوفيه ميوزم جو دورو ڪرڻ وقت جيڪڏهن ڪو مذهبي اشارو ڪري وڌو ته نئين تنازعي جو جنم ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته اهو ميوزم اڳ ۾ گرجا هو جنهن کي مسجد ۾ تبديل ڪيو ويو پوءِ ان کي ميوزم جي صورت ڏني وئي هئي.

ذريعا