پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس جي ڳوٺ صفر خاصخيلي تي چڙهائي، عورتن کي گهيلي ڳوٺ خالي ڪرايو ويو

وڪي اخبار کان
فائل:Sindh village.jpg
بلڊوز ڪيل ڳوٺ (فوٽو: عبرت)

10 نومبر 2006

ڄامشور ڀرسان پيٽارو ڪاليج کان به وڌيڪ قديمي ڳوٺ صفر خاصخيلي تي پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس چڙهائي ڪري زوري ڳوٺ خالي ڪرايو. ان موقعي تي انهن وحشياڻي ڪاروائي ڪندي سمورا اخلاقي ليڪا اورانگهي عورتن ۽ ٻارڙن کي گهيلي ڳوٺ خالي ڪرايو.

پوليس چڙهائي دوران عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد پڻ ڪيو ويو. جنهن سبب عورتن ۽ ٻارن ۾ رڙيون ۽ ڪيهون پئجي ويون. پوليس سان ليڊيز اهلڪار به گڏ هنيون جن عورتن کي ٽنگوٽالي ڪري ڳوٺ کان ٻاهر ڪڍيو.

ذريعن مطابق پيٽارو ڪاليج ۽ ڳوٺ صفر خاصخيلي جي ڳوٺاڻن وچ ۾ پيدا ٿيل زمين جي تڪرار کي قانوني انداز سان حل ڪرڻ بجاءِ طاقت جي ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ڳوٺ ڊاهڻ خلاف اسٽي آرڊر جي موجودگيءَ جي باوجود ڪاروائي ڪندي عورتن ۽ ٻارڙن کي زوري گهيلي ٽريڪٽرن ۽ ٽرالين ۾ وجهي ٻئي ڳوٺ پهچايو ويو.

ان ڪاروائي دوران ڳوٺ جا ٻه ٻارڙا پڻ لاپته ٿي ويا آهن. پوليس نادر شاهي لشڪر کي مات ڏيندي سڄي ڳوٺ کي بلڊوزرن ذريعي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪورٽ جو اسٽي آرڊر پڻ موجود هو.

ذريعا