پيٽارو ڪاليج انتظاميه ۽ پوليس طرفان زوري لڏايل ڳوٺ صفر خاصخيلي جي رهواسين چوٿين رات به کليل آسمان هيٺ گذاري، ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور

وڪي اخبار کان
فائل:Sindh village.jpg
بلڊوز ڪيل ڳوٺ (فوٽو: عبرت)

13 نومبر 2006

پيٽارو ڪاليج انتظاميه طرفان قبضو ڄاڻائي خالي ڪرايل ڳوٺ صفر خاصخيلي جي رهواسين چوٿين رات به کليل آسمان هيٺ گذاري. خبرن مطابق مردن تي داخل ڪيل ڪيسن سبب انهن جي روپوشيءَ ڪري اتي موجود عورتون ۽ ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن

وڏي وزير طرفان انڪوائري آفيسر طور مقرر ڪيل اي ڊي خواجا جاچ جو رخ تبديل ڪندي رپورٽ وڏي وزير کي ڏيڻ بجاءِ آر پي او حيدرآباد فياض خان حوالي ڪري ڇڏي آهي.

هوڏانهن آر پي او طرفان معطل ڪيل ٽي پي او ڪوٽڙي ۽ ايس ايڇ او ڄامشور ۽ ٻيا اڃا پنهنجن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن.

ڳوٺ جي رهواسي اسلم خاصخيلي جو چوڻ آهي ته اسان جا گهر پٽ ڪري اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي. سياستدان صرف ووٽ وٺڻ لاءِ ايندا آهن هاڻي اسان غريبن جي سار لهڻ وارو ڪير به نه آهي. ذريعن موجب سنڌ جي قومپرست جماعتن مان ڪنهن به ڳوٺاڻن سان ٿيل زيادتيءَ تي اڃا تائين ردعمل نه ڏيکاريو آهي.

ياد رهي ته ملڪ اسد سڪندر ڪيس داخل ٿيڻ تي ردعمل ۾ ڳوٺاڻن جي واهر ڪرڻ بجاءِ صرف ايترو چيو آهي ته کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي هن جو ان معاملي سان ڪو تعلق نه آهي.

ذريعا