پ پ وڏي وزير ۽ وفاقي وزيرن خلاف نيب ۾ ريفرنس داخل ڪرائي ڇڏيو، قومي خزانو لٽيو ويو، پ پ

وڪي اخبار کان

3 نومبر 2006

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، وفاقي وزير جهانگير ترين، اسٽيٽ منسٽر عمر احمد تي قومي احتساب بيورو ۾ هڪ ريفرنس نيب آرڊنينس 1999 ۾ سيڪشن 5 ۽ 18(ب) سب سيڪشن 2 تحت داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته مذڪوره سرڪاري عهديدارن قومي خزاني کي لٽيو آهي.

مذڪوره ريفرنس ۾ بدعنواني جا تفصيل پڻ ڏنا ويا آهن. اهو ريفرنس ايڊوڪيٽ چوڌري محمد اسلم ذريعي داخل ڪرايو ويو.

ذريعا