ڀارت امن تجويزون قبول ڪري ته پوءِ ڪشمير تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيون، پرويز مشرف

وڪي اخبار کان

5 ڊسمبر 2006

پاڪستاني صدر پرويز مشرف چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن اسان جي ڏنل امن تجويزن کي قبول ڪري ته ڪشمير تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهيون.

ڀارتي چينل اين ڊي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽريو ۾ صدر مشرف ان سلسلي ۾ خطي مان فوجن جي واپسي ۽ ڪشمير جي عوام جي حڪمراني جي تجويز پڻ ڏني.

ان پيشڪش جي جواب ۾ ڀارت چيو آهي ته سندس مطلب اهو آهي ته ڪشمير جو نقشو نٿو مٽائي سگهجي پر سرحد کي بي مطلب ڪري ڇڏجي.

ٻئي طرف سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته صدر مشرف اهڙي تجويز ڏئي ثابت ڪيو آهي ته هو انتهائي قسم جي پيش رفت لاءِ پڻ تيار آهي.

ذريعا