ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيل ايٽمي معاهدي کي قانوني تحفظ ڏيڻ واسطي ڪانگريسي متفق

وڪي اخبار کان

8 ڊسمبر 2006

آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل ايٽمي معاهدي کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ آمريڪي ڪانگريس جا مذاڪراتڪار متفق ٿي ويا آهن، جنهن مطابق ڀارت غير دفائي مقصدن لاءِ ايٽمي ٻارڻ گهرائي سگهندو.

ان بل جي منظوري لاءِ بل جو آمريڪا جي ٻنهي ايوانن مان پاس ٿيڻ ضروري آهي. ياد رهي ته آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل ان ايٽمي معاهدي تحت ڀارت کي آمريڪي ايٽمي ٽيڪنالاجي حاصل ٿي ويندي جڏهن ته آمريڪي ماهرن کي ڀارت جي ري ايڪٽرن جي چڪاس جي اجازت هوندي.

ذريعا