ڀنڊار ٻيٽ تي هزارين سنڌين جو ٻيٽن جي وڪري خلاف احتجاجي مظاهرو، عورتن طرفان ماتم

وڪي اخبار کان
فائل:Protest Sea.jpg
احتجاجي ريلي سمنڊ مان گذرندي (فوٽو: هلچل)

12 نومبر 2006

ڀنڊار ٻيٽ تي موجود سيد يوسف شاه جي درگاه واري ميلي جي موقعي تي هزارين سنڌين ڀنڊار ٻيٽ تي گڏ ٿي هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عورتن ۽ ٻارڙن پڻ شرڪت ڪئي. عورتن ان موقعي تي احتجاج طور ماتم پڻ ڪيو.

احتجاج جو سڏ فشر فوڪ فورم طرفان ڏنو ويو هو جنهن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ قومي محاذ، پ پ پ سميت مختلف سياسي توڙي سماجي تنظيمن شرڪت ڪئي.

ريلي ابراهيم حيدري کان ڀنڊار ٻيٽ تائين ٿي. لانچن ۾ موجود ماڻهن نعرن جي مدد سان سمنڊ جي فضائن کي انوکي احتجاج جي گونج رڪارڊ ڪرائي. ان احتجاجي ريلي ۾ نه صرف سنڌ بلڪه بلوچستان جي ماهيگيرن پڻ شرڪت ڪئي.

احتجاجي ريلي ۾ شريڪ عورتون ٻيٽن جو وڪرو نامنظور، مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هڻنديون رهيون ڪافي عورتن احتجاج طور ماتم پڻ ڪيو.

ان موقعي تي حاجي شفيع ڄاموٽ، طاهره علي، علي حسن چانڊيي، حڪيم زنگيجي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٻيٽ سنڌين جي ملڪيت آهن انهن جي قسمت جو فيصلو اسلام آباد مان ڪرڻ غير قانوني آهي. گِذري ۽ ڪورنگي ڪريڪ وقت ماهيگيرن سان ڪيل واعدن تان حڪومت ڦري وئي هاڻي به نئين رٿا آڻي سنڌين جي بربادي جو منصوبو آندو پيو وڃي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته 21 نومبر تي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب ڪراچي تائين ٿيندڙ احتجاج ثابت ڪندو ته سنڌ جا ماهيگير هن جدوجهد ۾ اڪيلا نه آهن.

ذريعا