چانڊڪا ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردن جو احتجاج

وڪي اخبار کان

رپورٽ:زبير زرار منگي

چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي شاگردن پاران فيس ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن داخلا فيس ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ ڪرڻ خلاف ڊاڪٽر عبدالرحمان اوڳاهي، ڊاڪٽر فرخ سهرياڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. شاگردن چيو ته فيس ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ سبب غريب شاگرد پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته فيس ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي،ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.