ڏهن مهينن کان گم جيئي سنڌ جا اڳواڻ اوچتو عدالت ۾ پيش، ريمانڊ تي پوليس حوالي

وڪي اخبار کان

30 آڪٽوبر 2006

ڏهن مهينن کان گم جيئي سنڌ متحده محاذ جي اڳواڻن نواز خان زنئور ۽ سڪندر سومرو کي اوچتو پوليس ظاهر ڪندي دهشتگردي جي الزام هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو آهي.

مذڪوره اڳواڻن کي بدين جي پوليس ظاهر ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ لاءِ عدالت ٻنهي اڳواڻن کي ستن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

جسمم جا ٻئي اڳواڻ اوچتو گم ٿي ويا هئا جن جي باري ۾ خدشو ڏيکاريو پئي ويو ته کين پاڪستاني ايجنسيون کنڀي ويون آهن. انهن اڳواڻن جي بازيابيءَ لاءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا هئا.

ڪڍڻ ٿاڻي جي ايف آءِ آر مطابق اڳواڻن تي الزام آهي ته انهن ڊفينس پل کي تباه ڪرڻ جي رٿابندي پئي ڪئي. پوليس انهن وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ جي دعوا پڻ ڪئي آهي.

عدالت ۾ پيشي وقت نواز خان زنئور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته کين ڏهه مهينا اڳ ريلوي اسٽيشن ڪوٽڙي تان گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌن تي رکيو ويو. گذريل ڏينهن ايجنسين کين پوليس حوالي ڪيو جتي سڪندر سومرو پهريان کان موجود هو. هنن جو چوڻ هو ته ان دوران هنن جو پنهنجي گهر وارن سان پڻ رابطو نه ٿي سگهيو آهي.

سڪندر سومري چيو ته کيس سينٽرل جيل حيدرآباد وٽان گرفتار ڪيو ويو ۽ مختلف هنڌن تي رکيو ويو. حراست دوران جسماني ۽ ذهني اذيت ڏني ويندي هئي.

ياد رهي ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر سرڪي سميت ڪيترائي سنڌي توڙي بلوچ قومپرست اڃا تائين گم آهن جن جي باري ۾ خدشو ڏيکاريو پئي ويو آهي ته انهن کي پاڪستاني ايجنسين اغوا ڪيو آهي. پاڪستاني ادارا مسلسل اهڙن الزامن کان انڪار ڪندا آيا آهن.

ذريعا