ڏکڻ وزيرستان ۾ سرحد جي گورنر اورڪزئي تي حملو، همراه خطاب ڇڏي پشاور روانو

وڪي اخبار کان

7 نومبر 2006

پاڪستان جي قبائلي علائقي ڏکڻ وزيرستان ۾ نامعلوم ماڻهن سرحد جي گورنر علي محمد جان اورڪزئي تي جرڳي کي خطاب دوران حملو ڪيو آهي، ذريعن مطابق حملي مان گورنر سميت سمورا ماڻهو محفوظ رهيا.

سرڪاري ذريعن مطابق خطاب دوران ٻه راڪيٽ ڏکڻ طرف کان اتي فائر ڪيا ويا جتي جرڳو ٿي رهيو هو. انتظاميه مطابق راڪيٽ مٿان کان ٿيندا ايئرپورٽ جي حدن ۾ وڃي ڪريا ۽ ڌماڪن سان ڦاٽي پيا جڏهن ته ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع نه آهن.

واقعي کان پوءِ اسڪائوٽس ۽ فوج ان طرف جوابي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن طرف کان راڪيٽ فائر ڪيا ويا هئا جنهنڪري سموري علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو. ذريعن مطابق ان واقعي کان پوءِ گورنر پشاور روانو ٿي ويو.

ذريعا