ڏکڻ پولينڊ ۾ ڪوئلي جي کاڻ هڪ گيس ڌماڪي سان ڪري پئي جنهن سبب 23 مزدور دٻجي ويا

وڪي اخبار کان

21 نومبر 2006

ڏکڻ پولينڊ ۾ هڪ کاڻ ۾ گيس جي ڌماڪي سبب سرنگ ۾ 23 مزدور ڦاسي پيا آهن. هن وقت تائين مزدورن جي باري ۾ ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهي ڪهڙي حالت ۾ آهن.

ذريعن مطابق انهن جي بچاءَ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. اندازو آهي ته ان ۾ ڪم ڪندڙ سمورا 23 مزدور دٻجي ويا آهن ۽ بچاءَ ورڪر هن وقت تائين انهن وٽ پهچي نه سگهيا آهن.

ذريعا