ڪالاباغ ڊيم سميت سمورن منصوبن کي 2015ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، صدر پرويز مشرف

وڪي اخبار کان

1 ڊسمبر 2006

پاڪستان جي صدر جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته ڪالاباغ سميٽ سمورن منصوبن کي 2015ع تائين مڪمل ڪيو ويندو. صدر مشرف اها ڳالهه بلوچستان ۾ هائڊرو پاور منصوبن بابت اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ سبڪ زئي ڊيم تيار ٿيڻ تي آهي ۽ ايندڙ سال ان منصوبي جو افتتاح ڪيو ويندو. حڪومت 2020ع جي واٽر ويزن پاليسي تي عمل ڪندي 2015ع تائين ڪالاباغ ڊيم سميت سمورا وڏا ڊيم ٺاهيندي.

هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن 2015ع تائين سمورا وڏا ڊيم نه ٺاهيا ويا ته تمام گهڻي دير ٿي ويندي ۽ ملڪ ۾ شديد پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويندو.

ياد رهي ته ڪالاباغ ڊيم خلاف پاڪستان جي چئن مان ٽن صوبن هڪ کان وڌيڪ ڀيرا قراردادون پاس ڪيون آهن.

ذريعا