ڪراچيءَ جا ٻيٽ پورٽ قاسم جي نه بلڪه سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن، سنڌ حڪومت

وڪي اخبار کان

29 آڪٽوبر 2006

هڪ گڏجاڻي بعد سنڌ حڪومت چيو آهي ته ڪراچيءَ جا ٻيٽ پورٽ قاسم کي الاٽ نه ڪيا ويا هئا اهي سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن.

اهڙو فيصلو ارباب غلام رحيم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس کان پوءِ ظاهر ڪيو ويو. ان گڏجاڻي ۾ سردار احمد سميت سمورا اهم سرڪاري عهديدار موجود هئا.

گڏجاڻي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پورٽ قاسم اٿارٽي کي 13635 ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي هئي. ڪراچيءَ جا ٻيٽ ڪنهن به اداري کي الاٽ نه ڪيا ويا آهن اهي سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهن.

ذريعا