ڪراچي جي ٻيٽن تي عيش لاءِ سينٽر ٺهندا جنهن وٽ پيسو هوندو اهو اُتي وڃي سگهندو، پير پاڳارو

وڪي اخبار کان

23 نومبر 2006

حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراه پير پاڳاري چيو آهي ته ڪراچي جي ٻيٽن تي عيش سينٽر ٺهندا جنهن وٽ گهڻو پيسو هوندو اهو ئي اُتي وڃي سگهندو.

پنهنجي سالگره تي شوڪت عزيز کان مبارڪ جي وصولي وقت صحافين جي مختلف سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته سنڌي آفيسر آهن ئي ڪونه تنهنڪري رستي روڪ وقت مون کان نالو پڇيو ويو ته مان پنهنجو نالو ”چوڌري شاه مردان خان مهاجر“ ٻڌائيندس.

هن وڌيڪ چيو ته ايم ايم اي ٻن پٺاڻن جي ور چڙهي وئي آهي، مولانا فضل الرحمان چوي ٿو ته ملڪ کي سيڪس فري زون قرار ڏنو ويو آهي ان ڳالهه جي پڪ مسرت شاهين کان ڪرڻي پوندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ پير پاڳاري چيو ته مسلم ليگ ق ڪاغذن تائين محدود پارٽي آهي. حڪومتي ليگ سان اتحاد نه ٿيندو باقي پ پ پ سان ٿي سگهي ٿو.

ذريعا