ڪراچي ڀرسان ٻن ٽرڪن جي ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ 6 ماڻهو فوت، 11 زخمي

وڪي اخبار کان

10 ڊسمبر 2006

ڪراچي ڀرسان ٻن ٽرڪن جي ٽڪرجڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوتين جو تعلق قاضي احمد جي هڪ مهر ڳوٺ سان ٻڌايو ويو آهي.

فوتي مزدوريءَ لاءِ ڪراچي وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. زخمين کي ڳڻتي واري حالت ۾ سول اسپتال ڪراچي پهچايو ويو آهي.

حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن مذڪوره ٽرڪ ناردن بائي باس وٽ پهتي ته سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي.

ذريعا