ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ فيري سروس جلد شروع ٿيڻ جو امڪان، لائسنس جاري ٿي چڪا

وڪي اخبار کان

8 نومبر 2006

ڪراچي ۽ بمبئي وچ ۾ جلد فيري سروس شروع ٿيڻ جا امڪان آهن جنهن کي 40 سال اڳ بند ڪيو ويو هو. ذريعن مطابق پورٽس ۽ شپنگ جي منسٽر بابر غوري جو ان باري ۾ چوڻ آهي ته هو هن مهيني جي آخر ۾ ڀارت ويندو جتي اهڙي قسم جي معاهدي ٿيڻ جا چٽا امڪان آهن.

ذريعن موجب پاڪستان ڪيترين ئي خانگي ڪمپنين کي فيري سروس جا لائسنس جاري ڪيا آهن جنهن ۾ بمبئي ڪراچي دبئي، بمبئي مسقط ڪراچي ۽ ڪراچي گوادر دبئي جا روٽ شامل آهن.

ذريعا