ڪراچي ۾ هزارين سنڌين جو مظاهرو، ٻيٽن جو وڪرو نامنظور جو نعرو گونجندو رهيو

وڪي اخبار کان

22 نومبر 2006

ڪراچي جي ٻيٽن جي وڪري خلاف ماهيگيرن جي عالمي ڏينهن تي ريگل چوڪ کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو. جنهن جو سڏ فشر فوڪ فورم ڏنو هو.

ان مظاهري ۾ فشر فوڪ فورم، جسقم، پ پ، ترقي پسند پارٽي، پ پ شهيد ڀٽو، فرنٽ، جسقپ سميت سنڌ جي مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن شرڪت ڪئي. عورتن جي وڏي تعداد پڻ پنهنجي ٻارڙن سميت شرڪت ڪئي.

احتجاجي مظاهري دوران ٻيٽن جو وڪرو نامنظور، مٺي پاڻي تي ٺيڪيداري نظام نامنظور، ڪالاباغ ڊيم نامنظور جهڙن نعرن جي گونج ٿيندي رهي.

مظاهري ۾ لوڪ گيتن تي جهمريون پڻ هنيون ويون. پوليس گورنر هائوس روڊ بند ڪري ڇڏيو هو. احتجاجي جلسي کي مختلف اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هي ٻيٽن جي تحريڪ نه پر سنڌ جي حقن جي حاصلات جي تحريڪ بڻجي چڪي آهي، ٻيٽن تي نئون شهر ٺهيو ته اهو اسان جي رت تي ٺهندو.

مظاهري کي غنوا ڀٽو، محمد علي شاه، شفيع ٺاموٽ، هوت خان گاڏهي، قمر ڀٽي، طاهره علي، الاهي بخش بڪڪ، ايوب شر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

هوڏانهن سموري سنڌ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي پارٽين ٻيٽن جي وڪري خلاف مظاهرا ڪيا آهن. انهن مظاهرن ۾ پڻ ماهيگيرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته ٻيٽن جي وڪري وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.

ذريعا