ڪراچي ۾ پٺاڻن واري هڙتال دوران فسادن ٻه ماڻهو مارجي ويا، 10 ڄڻا زخمي

وڪي اخبار کان

16 ڊسمبر 2006

ڪراچي ۾ پٺاڻن جي لويا جرڳه طرفان ڪرايل هڙتال دوران ٻه نوجوان مارجي ويا ۽ ست اهلڪارن سميت 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.

ذريعن مطابق هڙتال پشتون علائقن کي مسمار ڪرڻ خلاف هئي. اهي فساد پشتون آبادي وارن علائقن ۾ ٿيا جنهن ۾ ست اهلڪار پڻ زخمي ٿي پيا.

هڙتال دوران گاڏين کي باهيون ڏيڻ جا ڪيترائي واقعا ٿيا پوليس جي روڪڻ دوران فائرنگ ٿيڻ جي نتيجي ۾ اهي پرتشدد واقعا ٿيا.

مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ پوءِ رينجرز طلب ڪئي وئي. ڪيترن ئي گاڏين ۽ سرڪاري ملڪيتن کي باهيون ڏئي ساڙيو پڻ ويو. پوليس پنجاه کان مٿي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعا